جهڏو(ن پ ا) جهڏو لڳ ٻوڏ متاثر ڳوٺ لکانو مغيري جي رهواسين کي سرڪار توڙي چونڊيل نمائندن  نظرانداز ڪري ڇڏيو، متاثر ڳوٺاڻا ڪيترن ئي مهينن کان بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن سڪندر مغيري ،رسول بخش مغيري، صالح محمد مغيري ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته اسان جي ڪنهن به واهر ناهي ڪئي،  کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون، مدد ڪئي وڃي.