ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 7 سالن کان گم ٿيل شهري ڪامران ڪمال کي بازياب نه ڪرائڻ تي جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي  چيو آهي ته جديد ڊوائيسز ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي يرغمالي جو پتو لڳائي سگھجي ٿو، ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته جاچ آفيسر جي اڳڀرائپ رپورٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، هر ڀيري تاريخ بدلائي ساڳئي رپورٽ جمع ڪرائي ويندي آھي، 7 سال گذرڻ باوجود ڪامران بابت ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو آهي، عدالت  ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.