نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ شيرانپور ۾ چوري دوران مزاحمت تي قتل ٿيل زميندار محمد علي جروار جو ڪيس ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي تي مقتول جي پٽ درياهه خان جروار جي فرياد تي 6 جوابدارن علي مراد جروار، ڪراڙو ميربحر، عرفان ميربحر، شاهن ناريجو ۽ ٻن اڻ سڃاتلن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پوليس ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته مک جوابدار علي مراد جروار کي ڪچي جي علائقي ٻرڙا پتڻ وٽ ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو ويو.