سانگهڙ (رپورٽر) فريادي شھداد بروهي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايل آهي ته 5 اپريل 2021 تي ڀائٽي غلام حيدر ولد غلام مصطفيٰ بروھي کي دبئي ھائوسنگ اسڪيم مان ايس ايچ او سانگهڙ محسود رضا مڱڻهار، لالا حميد پٺاڻ خانگي ڪار نمبر پليٽ bbc 455 ۾ کڻي ويا. ٻئي ڏينهن تي مون ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي پر ڄاڻايل آفيسرن منهنجي ڀائٽي غلام حيدر کي نامعلوم ھنڌ ڏانھن منتقل ڪري ڇڏيو، 14 اپريل تي ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته 15 اپريل تي رات جو ٻه لڳي ٽيهه منٽن تي غلام حيدر بروهي کي کڻي وڃي مارڻ جي نيت سان سڌي گولي هڻي سول اسپتال حيدرآباد ۾ اڇلايو. مٿين آفيسرن خلاف کنڀي کڻي مارڻ جي نيت سان گولي هڻڻ جي ايف آءِ آر درج ڪئي وڃي. سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج سانگهڙ ٻڌڻي کانپوءِ درخواست گذار جي اپيل تي ايس ايس پي سانگهڙ کي درخواست گذار جي لفظ به لفظ موجب ايف آءِ آر درج ڪري انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.