مھا ٻوڏ جون جِيءُ جهوريندڙ يادون ء حُڪمرانن جا واعدا

0
88
مھا ٻوڏ جون جِيءُ جهوريندڙ يادون ء حُڪمرانن جا واعدا

خيرپور ناٿن شاهه مان لکي ٿو ارشاد کوسو

 31 آگسٽ 2022ع جي اها رات ڪيڏي نہ ڀيانڪ هئي، جڏهن خير پور ناٿن شاھ جي چئني پاسن کان پاڻيءَ جو خوف لکين ماڻهن جو جِيءُ جھوريندي تيزيءَ سان گج گوڙ ڪندو شهر کي ٻوڙي رهيو هو ۽ سوين هزارين شهري پنھنجو ساھ مُٺ ۾ ڪندي آلين اکين سان پنهنجي محبوب شھر ۽ اباڻن ڪکن کي ٻڏندي ڏسي رهيا هئا.

                 کنوڻين جا ٺڪاءَ آسمان ۾ راڙو ڪري رهيا هئا تہ وري  درياءَ جا گج گوڙ ڪندڙ وهڪرا  شهر ٻوڙي رهيا هئا. اھي المناڪ گھڙيون، بي درد لمحا ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ منظر سال گذرڻ باوجود اڄ به هر هڪ شھري جي اکين اڳيان خوفناڪ ٿِرل فلم جيئان ڦِري رهيا آهن.

                 هي اهي ڏينهن آهن، جن ڏينهن دوران سنڌ جي هن لاوارث شهر ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن مان هزارين ماڻهو پنهنجن گھرن مان نڪري ڪنهن محفوظ ٿاڪن جي تلاش ۾ پنهنجون نياڻيون ۽ معصوم ٻارن کي ٿانيڪو ڪرڻ لاءِ قطارون ڪري واهن، بندن ۽ روڊن جون ڪڙون ڳولهيندي ڳولهيندي ٿڪجي هارجي وس وارن لاءِ واجهائي رهيا هئا.  هي اهي ئي دردناڪ منظر آهن، جن کي فضائي دورو ڪندي گڏيل قومن جي سربراھ بہ پنهنجا ڳوڙها روڪي ڪين سگهيو هو.

پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو ورلي ئي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ملي ٿو تہ ڪو هڪ شهر 2 دفعا لاپرواهين، سرڪاري نالائقن ءِ ڪجهه مفاد پرست ماڻهن جي مفادن جي پورائي  ڪرڻ لاءِ  ٻوڙيو ويو هجي. ها پر اها بدقسمتي به سنڌ واسين ءِ سنڌ جي لاوارث شهر خير پور ناٿن شاھ جي حصي ۾ ئي آئي. هي اهو لاوارث شهر آهي، جتان جي مائرن پنھنجا جوڌا پٽ ڪُھايا. ڀينرن پنهنجن ڀائرن جا لاڏا چوڻ بدران پار ڪڍيا. هي اهو ڀٽي جي عاشقن جو شهر آهي، جتان جي پيئرن پنهنجي ٻڍاپي جي لٺ جو فڪر ڪرڻ بدران ڀٽي جي فڪر کي اهميت ڏيندي پنهنجن  ڳڀرو جوان پٽن کي روڊن رستن تي ڪسڻ ڪاڻ موڪلي ڏنا. سن 2022ع جي ٻوڏ جي تباهڪارين جا داستان ايترا تہ ستائيندڙ آهن، جيڪي نہ رڳو مقامي سطح تي پر پرڏيهي ادارن پنهنجن  تحقيقن ۽ تحريرن ۾ لکيو تہ ماضي قريب ۾ ايڏي تباهي ءِ انساني بربادي نه ٿي آهي جيتري سنڌ ۽ سنڌ جي شهر ڪي اين شاھ ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ ٿي آهي.

ان ٻوڏ دوران لڳ ڀڳ 75 کان 80 انساني جانيون زيان ٿيون، سوين ماڻهو زخمي ٿيا تہ وري ڪيترا ئي ماڻهو ذهني ۽ جسماني معذوري جو شڪار ٿيا. لکن جي تعداد ۾ لڏ پلاڻ ٿي ءِ ماڻهو بي گهر ٿيا.

خير پعر ناٿن شاھ شهر ۽ ان سان لاڳاپيل ٻهراڙين جو ڪو بہ اهڙو گھر نه هو، جنهن جي ڪا عمارت يا ان جو بنياد ڊٺو، ڪريو يا ڪمزور نہ ٿيو هجي. کائيندڙ پيئندڙ گهراڻن جا مالڪ هڪ ئي ڌڪ ۾   لاچار ءِ بيوس ٿي خيراتن تي پلجڻ تي مجبور ٿي ويا. ماڻهو پنهنجن ننگن ﺟﻲ حرمت ءِ معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ لاءِ وس ڪندا رهيا. پاڻيءَ جي گهيري ۾ آيل شھري پنهنجن جا لاش تختن تي  رکي کڻندا رهيا. خطرناڪ بيمارين منھن ڪڍيا. خوراڪ ءِ دوائن جي کوٽ ٿي. ماڻهو ڪيمپن ۾ مرڻ لڳا ۽  ڏسندي ڏِسندي لڳ ڀڳ 80 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ڪُجھ لاپتا ٿيا، جن جي اڄ تائين ڪا بہ خبر نہ پئجي سگهي آهي. خير پور ناٿن شاھ ۽ ڀرپاسي جا بِيٺل لکين رپين جا فصل ٻڏي ويا. آبادگار رلي ويا. ان سان گڏو گڏ سمورا روڊ رستا تباھ ٿي ويا.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ڪيل واعدا سنڌ ۾ سنڌ جي دعويدار جماعت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي گذريل ٻن ڏهاڪن کان لڳاتار حڪومت رهي آهي ۽ بدقسمتي سان جيڪي سنڌ ۾ 2 مها ٻوڏيون آيون ان دوران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جون ئي حڪومتون رهيون. جن تي اھو الزام پڻ آهي ته ڪجهه با اثر پي پي اڳواڻن پنهنجا پنھنجا شهر ءِ اثاثا بچائڻ لاءِ هن شهر کي ٻوڙيو ويو. پي پي اڳواڻن توڙي پي پي قيادت واعدا ته  ايڏا وڏا ڪيا جو هر عام کي  هڪ دفعو ٻيهر جيئڻ جي ڄڻ ڪا اميد پيدا ٿي پئي. جن ۾:

  1. پيپلز پارٽيءَ چيو ته جن جن جا گھر ڊٺا آهن، انهن کي گھر ٺھرائي ڏنا ويندا.
  2. ٻوڏ دوران جيڪي ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا انهن کي 10- 10 لک رپيا ادا ڪيا ويندا.
  3. زخمين کي 5-5 لک ۽ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو ويندو.
  4. ٻوڏ سبب تباھ ٿيل فصلن جي اڻڌري سروي ڪرائي ويندي. جنهن کان پوءِ ان جي ڀر پائي لاءِ هڪ هڪ لک رپيا في ايڪڙ آبادگارن کي ڏنا ويندا.
  5. نئين فصل لاءِ ٻج ءِ ڀاڻ لاءِ في جريب جي حساب سان 50 هزار ڏنا ويندا.

6.گھرن جون نيون سوسائٽِيون ٺهرايون وينديون. جن جا گھر ڪمزور هوندا انهن کي انهن گھرن ۾آباد ڪيو ويندو.

  1. بيروزگار نوجوانن کي روزگار فراهم ڪيو ويندو وغيره وغيره.

پي پي جي قيادت ءِ سنڌ سرڪار جي اهڙن دلفريب واعدن ته سنڌ خاص ڪري ڪي اين شاهه جو عوام پنھنجا جاني مالي نقصان  ڄڻ ته وساري ويٺو. ائين لڳي رهيو هو ڄَڻَ سندن ڪجھ ٿَڪ لهي پوندو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن ءِ اڳواڻن هر اسٽيج ءِ هر ماڻهوءَ سان ملندي ، پنهنجين پنهنجين پريس ڪانفرنسن ،ٽي وي جي ٽاڪ شوز ءِ خاص ڪري تازو گذريل مڪاني ادارن جي چونڊن جي انتخابي مهم دوران ڪارنر گڏجاڻين ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مئل، ڌپ ڪري ويل دفن ڪيل نعري روٽي ڪپڙا اور مڪان کي هڪ دفعو ٻيهر زندھ ڪري آندو ويو . ۽ ڪي اين شاهه جي تباھ حال شھرين ان اميد سان پيپلزپارٽيءَ کي هڪ دفعو ٻيهر ڪامياب ڪرايو ته سندن ڪا پي پي واهر ڪندي. پر افسوس جو اڄ به پي پي جا اهي دلفريب نعرا ۽ وڏا واعدا وعدا ئي رهيا. اڄ به روڊن جي ڪَڙن تي ڪي ئي نياڻيون  مٿي اگهاڙيون بي وس ٽينٽن ۾ ترسيل آهن. اڄ به ٻوڏ متاثر  پيٽ بکايل ءِ انگ اگهاڙا ٻارڙا تپندڙ ڏينهن ۾ زندگي گهارڻ تي مجبور آهن.

ها پر پي پي پنهنجي حڪومتي ڏينهن ۾ ڪي اين شاهه جي سوين متاثرن  مان 13 ماڻھن کي 10- 10 لک رپين جا چيڪ  ضرور ڏنا هئا پر انهن کي ڏنا جن وٽِ پي پي جي ضلعي قيادت سان ويجهڙائي واري واٽ هئي. خير سان وري چونڊن جا ڏينھن اچي پهتا آهن . هڪ دفعو ٻيهر نون گھرن جا واعدا ٿيندا. ٻج ڀاڻ جا آسرا ملندا ته مالي امداد جا به دلاسا ملندا ءِ اهي متاثر، بکايل ۽  مجبور ماڻهو هڪ دفعو ٻيهر ان لالچ ءِ اميد جي آسري پنهنجو ووٽ  شناختي ڪارڊ سميت آڇيندي دير نہ ڪندا.