ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي ڪوھستاني ڳوٺ وڏيرو وڪيو جاکرو جي رھواسين پاران سندن اسڪول جي زبون حال عمارت جي مرمت، فرنيچر سميت سموريون بنيادي سھولتون ڏيارڻ لاءِ دينو جاکرو، ھادي بخش جاکرو، ڪوھستاني جاکرو، مينھن وسايو جاکرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هتي احتجاج ڪندي چيو آهي ته سندن پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال ھجڻ ڪري ان ۾ ٻارڙن جو ويهڻ ۽ سندن پڙهائي خطري کان خالي ناهي. جڏهن ته  اسڪول ۾ نه  فرنيچر آھي ۽ نه ئي استاد ٿو اسڪول اچي، جنھن ڪري سندن ٻارڙن جو مستقل داءُ تي لڳل آھي. ھنن تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين سميت ڊي سي ٺٽو کان گھر ڪئي نوٽيس وٺي اسڪول جي عمارت ۽ فرنيچر سميت سموريون سهولتون ڏنيون وڃن.