ٺٽو(رپورٽر) ٺٽي جي وڪيلن مڪلي قبرستان ۾ مقامي ماڻھن جي ميتن جي تدفين تي پابندي توڙي انڪار ڪندڙ مقامي شھرين تي ڪيس داخل ڪرڻ سميت ايشيا جي وڏي قبرستان جي ايراضين تي ٿيندڙ قبضن ۽ اڏاوتن تي شديد حيرت ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪندي گڏيل طور تي قرار داد منظور ڪندي انصاف لاءِ عليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي.ان ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيشن ٺٽو طرفان منظور ڪيل قرار داد بعد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيشن ٺٽو جي صدر سيد اعزاز حسين شاھ ڳالهائيندي چيو ته مڪلي جو تاريخي قبرستان برابر اسان جو قومي ورثو آھي، جنھن جي مالڪي ٿيڻ گھرجي پر ساڳئي وقت مڪلي قبرستان ٺٽي ضلعي جي سوين خاندانن جو قديمي قبرستان پڻ آھي، پر سرڪار  قبرستان اندر ميت دفنائڻ تي پابندي لاڳو ڪندي قلم 144 لاڳو ڪري ميت دفنائڻ جي ڏوھ ۾ ايف آءِ آر درج ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي، جيڪو عمل انتھائي مذمت جوڳو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته مڪلي قبرستان ۾ مقامي آبادين جي تدفين بحال ڪري شھرين سان ناانصافي روڪي وڃي.