ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) ڀريا سٽي ويجهو قومي شاهراهه تي موٽر سائيڪل سوارن کي ٽرالر جو ٽڪر، 2 سڳا سئوٽ فوت، صدمي ۾ امڙ ۽ ڀينرون بيهوش، ٽرالر ڊرائيور فرار، رپورٽ موجب قومي شاهراهه تي ڳوٺ نڀوڙو ڀٽي اسٽاپ وٽ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٽرالر جي ٽڪر ۾ ڀريا جي ڳوٺ محمد عمر ڪلهوڙو واسي 2 سڳا سئوٽ  16 ورهين جو وسيم احمد پٽ سڪندر علي ڪلهوڙو ۽ 14 ورهين جو نادر علي پٽ محمد عظيم ڪلهوڙو ٿڏي تي فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش ڀرياسٽي اسپتال آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش ايمبولنسز نه ملڻ سبب ٽريڪٽر ٽرالي وسيلي ڀريا سٽي اسپتال منتقل ڪيا ويا، لاش ڳوٺ محمد عمر ڪلهوڙو پهتا ته ڪهرام مچي ويو ۽ نينگرن جون امڙيون ۽ ڀينرون صدمي ۾ بيهوش ٿي ويون، ٻنهي فوتين جا لاش ڀريا جي سيد عنايت شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيا ويا، وارثن محمد امين ڪلهوڙو ۽ سڪندر علي ميِڊيا کي ٻڌايو ته  ٻئي ڄڻا ڀريا شهر ۾ موٽر سائيڪل مڪينڪ جو ڪم ڪندا هئا.