خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ٺيڪيدارن پراونشل هاءِ وي ڊويزن جي انجنيئر مٿان اربين رپين جي ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا رشوت عيوض من پسند ٺيڪيدارن کي ڏيڻ جو الزام هڻندي اينٽي ڪرپشن سکر ۽ خيرپور ۾ لکت ۾ شڪايتون جمع ڪرائي ڇڏيون، پروفيشنل ٺيڪيدارن پاران هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان. خبر موجب پراونشل هاءِ وي ڊويزن خيرپور جي انجنيئر زين موريو طرفان وزيراعظم پروگرام تحت ترقياتي منصوبن جي مد ۾ 50- 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جا 37 ٽينڊر من پسند ٺيڪيدارن حواڪي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته پراونشل هاءِ وي خيرپور جي انجنيئر زين موريو ايم اين اي جاويد علي شاهه جي سالي ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو جي ڀاءُ ڪاشف ڀٽو کي 28 ڪروڙ رپين جا ٽينڊر، راڻيپور جي غلام حسين ملاح کي 11 ڪروڙ، عبدالقيوم شر کي 4 ڪروڙ 16 لک، اختر وساڻ کي هڪ ڪروڙ 83 لک، ياسر اعجاز مهر کي هڪ ڪروڙ 96 لک ۽ شاهنواز ڀٽي کي چار ڪروڙ 56 لک رپين جا ٽينڊر حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته ساڳين ڪمن لاءِ  104 پروفيشنل ٺيڪيدارن کي سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ باوجود نظرانداز ڪيو ويو. ان تي ڄاڻايل ٺيڪيدارن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. نظرانداز ٿيل پروفيشنل ٺيڪيدارن سجاد پنهيار، شاهنواز بروهي، سلطان احمد ڪٽو، سومرا ڪنسٽرڪشن ۽ ٻين طرفان اينٽي ڪرپشن سکر ۽ خيرپور ۾ انجنيئر زين موريو خلاف لکت ۾ ڌار ڌار شڪايتون جمع ڪرايون ويون. ٺيڪيدارن چتاءُ ڏنو ته اينٽي ڪرپشن ۽ سيپرا طرفان انجنيئر خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪايو ويندو. ھوڏانھن پراونيشنل انجنيئر ھاءِ وي زين موريو سان رابطو ڪيو ويو پر ھن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.