ميچ ۾ گٿن لفظن جي ڏي وٺ: گنڀير ۽ ڪوهلي تي ڏنڊ

0
297

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ميچ ۾ گٿن لفظن جي ڏي وٺ تي گوتم گنڀير ۽ ويرات ڪوهلي تي ڏنڊ لڳايو ويو

ڀارت ۾ جاري انڊين پريميئر ليگ جي هڪ ميچ دوران جهيڙي بعد رائل چيلينجر بنگلور جي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ لکنو سپر جائنٽس جي مينٽور ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر گوتم گنڀير ۾ گٿن لفظن جي ڏي وٺ ٿي

 جنهن تي ميچ ريفري ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ مينٽور گوتم گمبير کي طلب ڪيو، جٿي ٻنهي ڄڻن ڏوهه جو اعتراف ڪيو

ميچ ريفري ويرات ڪوهلي ۽ گوتم گنڀير تي ميچ فيس جو 100 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو جيڪو ٻنهي قبول ڪري ورتو

 واضح رهي ته رائل چيلينجر بنگلور ۽ لکنو سپر جائنٽس وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران لکنو جي بيٽر نوين الحق ۽ بنگلور جي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهنکي امپائرن ٽاري ڇڏيو ميچ جي پڄاڻي تي ڪوهلي ۽ نوين الحق ۾ ٻيهر جهيڙو ٿيو ۽ هٿ ملائڻ دوران ڪوهلي ۽ گنڀير ۾ گٿن لفظن جي ڏي وٺ ٿي