ميهڙ: مامي فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن نوجوان ڀاڻيجن کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار

0
46
وڳڻ ڀرسان مڇي جي تلاءُ جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي
وڳڻ ڀرسان مڇي جي تلاءُ جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان معمولي ڳالهه تان مامي فائرنگ ڪري پنھنجي ٻن ڀاڻجن کي قتل ڪري ڇڏيو ، جوابدار گرفتار ،ھٿيار ھٿ ڳوٺ سومر قمبراڻي ۾ مامن ۽ ڀاڻجن ۾ معمولي ڳالھه تان جھيڙو ٿي پيو

جنھن دوران مامي وارث قمبراڻي گوليون ھڻي پنھنجن ڀاڻجن ٻن سڳن ڀائرن 22 ورھين جي شھمير قمبراڻي ۽ 20 ورھين جي لکمير قمبراڻي کي پنھنجي ئي گھر ۾ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو

مقتول نوجوانن جا لاش ڪيترو وقت  واقعي واري ھنڌ پيل رھيا پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تعلقي اسپتال ميھڙ منتقل ڪيا،مقتولن جي سئوٽ ۽ وارثن عبدالحميد قمبراڻي ، نظر قمبراڻي ۽ ٻين چيو ته جوابدارن معمولي ڳالھه تان گھر تي حملو ڪري ٻن معصوم يتيم ڀائرن کي بيدردي سان قتل ڪيو

ھوڏانھن پوليس هڪ  جوابدار وارث قمبراڻي کي گرفتار ڪري سندس گھر مان ھڪ عدد بندوق ھٿ ڪري ورتي آھي پوليس موجب  جوابدار وارث قمبراڻي پنھنجن ٻن ڀاڻيجن کي قتل ڪيو آھي