پيرجوڳوٺ (ن پ ا) جي ڊي اي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري عيد الفطر جي نماز درگاهه پيرجوڳوٺ تي ادا ڪئي، جڏهن ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل پنھنجي هزارين مريدن کي زيارت پڻ ڪرائي، ان موقعي تي خطاب ڪندي پير پاڳاري چيو ته فوج ۾ ڪجھه ماڻهو خراب ضرور آھن پر سڀ خراب ناهن، فوج اسان جي آھي ۽ اسان فوج جا آھيون، جنھن ملڪ ۾ فوج نه آهي ان ملڪ جي حالت به اوهان ڏسو ٿا، هن چيو ته فلسطين جون حالتون تمام خراب آهن، پير پاڳاري چيو ته وياج وٺڻ ۽ ڏيڻ خدا ۽ ان جي رسول سان جنگ ڪرڻ برابر آهي، ملڪ جون حالتون خراب آهن، مھگائي اڃا تمام گهڻي وڌندي، هن جو چوڻ هو ته مسڪين ماڻهو ھڪ وقت جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن، جن وٽ ڦر لٽ جو پئسو آهي انھن کي ڪا به پرواهه نه آهي، هن چيو ته موسم جي تبديلي جي ڪري فصلن کي تمام گهڻو نقصان پھتو آھي، پيرپاڳاري چيو ته پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياريو ۽ پاڙي وارن جو ھميشه خيال رکو.