ڪراچي (م ڊ) بلوچستان جا اتر وارا علائقا ۽ پاڪ افغان سرحدي علائقا واري جي طوفان جي ليپٽ ۾ اچي ويا، افغانستان مان شروع ٿيل واري وارو طوفان پاڪستاني حدن  ۾ داخل ٿيو، چمن، قلعه عبدالله، پشين، گلستان، پير علي زئي ۽ ٻيا علائقا متاثر ٿيا، طوفاني هوائون 40 کان 50 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ سان هلڻ لڳيون، وڻ ڪِري پيا، گهر به ڊهي پيا، هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو، جڏهن ته پي ڊي ايم اي موجب غيرمعمولي برساتن سان ٻوڏ جو امڪان آهي، صوبي ۾ ضلعي انتظاميا  کي الرٽ جاري ڪيو ويو، وزيراعليٰ پاران ٻوڏ وهڪرن واري هنڌان آبادي کي محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، پارا چنار ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پئي، جبلن تي برفباري به ٿي، ڪوئيٽا ۾ وسڪارو ٿيو، نيلم وادي جي سياحتي ماڳن تي طوفان سان برسات پئي.