ميمبرن کي تشدد، گرفتاري ۽ بي اعتماد رٿ ۾ حصو وٺڻ تي ڌمڪي ڏني وئي: بلاول جو الزام

0
143
ميمبرن کي تشدد، گرفتاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي تشدد، گرفتاري ۽ عدم اعتماد جي رٿ ۾ حصو وٺڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي

ٽويٽ ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوامي نمائندن جون جانيون، آزادي ۽ خاندان خطري ۾ آهن، اسيمبلي ميمبرن کي فاشسٽ حڪومت کان حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو حق آهي

هن چيو ته پ پ ۽ پي ڊي ايم ميمبرن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنديون، انشاءَ الله ڪجهه دوست عمران خان جي الزامن جو جواب ڏيندا، اسان پنهنجا سمورا پتا ظاهر نه ڪنداسين ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ تفصيل سامهون ايندا

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته او آءِ سي جي ڪانفرنس جي ڪري اسان اسلام ۾ ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، حڪومت اسان کي ڌمڪيون نه ڏيئي