سنڌ لٽريچر فيسٽيول سڀاڻي کان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ شروع ٿيندو

0
257

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن وارو پنجون سنڌ لٽريچر فيسٽيول 18 مارچ سڀاڻي کان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ شروع ٿيندو، سنڌ لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح ثقافت ۽ تعليم وارو صوبائي وزير سردار شاهه ۽ اطلاعات کاتي جو صوبائي وزير سعيد غني ڪندا

نورالھدي  شاھه، آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاھه، ـ ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايل ايف جي پهرين ڏينهن تي افتتاحي سيشن سميت چار ويهڪون ٿينديون

هنن چيو ته قومپرست سياست واري سيشن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد زين شاهه، سجاد احمد چانڊيو ۽  عصمه حفيظ مهمان هوندا

19 مارچ تي ايس ايل ايف ۾ موسيقي سميت  پندرهن سيشن ٿيندا، مختلف ڪتابن جي مهورتي تقريبن سميت سنڌ جي فيمنيسٽ تحريڪ، شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس، شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين سوچ جو سفر ۽ ٻيا سيشن ٿيندا

هنن چيو ته ايس ايل ايف جي ٽئين ۽ آخري ڏينهن تي اختتامي تقريب سميت 16 سيشن ٿيندا، 20 مارچ آچر ڏينهن تي سنڌ جا هي روز، ڪراچي جا اڏيندڙ، ڊجيٽل سنڌي ٻولي، سنڌ تي حملن جي تاريخ، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ماضي حال ۽ مستقبل ۽ ٻيا سيشن ٿيندا

اختتامي سيشن ۾ موسيقي دوران ناميارو راڳي رجب، امبر مهڪ ۽ ٻيا سر وکيريندا

نورالھدي  شاھ  چيوته ھي نوجوانن لاء ھڪ وڏو چيلينج ھو ۽ اڃا به آھي ـ جئين اسانجي ملڪ ۾ ٿيندو رھيو آھي ته سٺي ڪم تي تنقيد ٿيندي رھندي آھي