سيمنٽ جو اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

0
797
سيمنٽ جو اگهه ملڪي

ڪراچي (م ڊ) مهانگائي جي هن دور ۾ گهر ٺاهڻ سان گڏ گهر هلائڻ به ڏاڍو مشڪل ٿي ويو آهي، سيمنٽ جو اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو ۽ گذريل ٻن هفتن دوران سيمنٽ جي هڪ ٻوري جي قيمت ۾ 170 رپين جو اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ سيمنٽ جي هڪ ٻوري جي قيمت 880 رپيا ٿي وئي آهي

ٻئي طرف رمضان المبارڪ کان اڳ بناسپتي گيهه جا اگهه ٻيهر وڌي ويا آهن، گيهه جي اگهه ۾ 8 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ گذريل ڏينهن ان جو اگهه 444 رپين مان وڌي 452 رپيا ٿي ويو، هلندڙ مهيني گيهه جي قيمت ۾ 22 رپيا واڌ ٿي آهي