ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ غلام شبير خاصخيلي ۾ ڇتو ڪتو ڪاهي پيو، جنهن  دوران ڳوٺاڻن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ڇتي ڪتي هڪ عورت سميت 6 ڄڻن شگن ڪولهي، رامجي، پرڀو، ميارام، شريمتي هيرو ٻائي، نياز علي خاصخيلي کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي  رورل هيلٿ سينٽر ميرواھ گورچاڻي آندو ويو، جتي ڊاڪٽر موڪل تي هجڻ سبب کين سول اسپتال ميرپور خاص نيو ويو، بعد ۾ ڳوٺاڻن ڇتي ڪتي کي لٺيون هڻي ماري ڇڏيو،