شھدادڪوٽ ( رپورٽر  ) شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳڙھي خيرو  روڊ تي چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 نوجوان شاھد جمالي ۽ مير حسن جمالي زخمي زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمي ڳوٺ شاھپور جمالي جا رھواسي آهن، جيڪي ڳوٺ کان شھر طرف اچي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو.