ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ڀرسان شر ڪيھر ڌرين جي پراڻي خوني تڪرار جو ڏاتاڻي شرن ۽ عزيزياڻي ڪيهرن جي پاڙن جو نبيرو درگاھ ٻڍل فقير تي ثناءُ الله فقير ۽ چنگيز پنهور جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪيھر ڌر مٿان مقتول عابد علي شر، گلزار شر، پنجل شر، نياز شر ۽ اقبال شر سميت 5 خون ۽ هڪ شير محمد شر کي زخمي ڪرڻ ثابت ٿيو، جڏهن ته شر ڌر مٿان ڪيهر ڌر جي گل حسن ڪيهر، گل محمد ڪيهر ۽ محمد خان ڪيهر جا 3 خون ثابت ٿيي، خون جي بها 20 لک روپيا مقرر ڪئي وئي، 5 لک في خون جي حساب سان ٻنهي ڌرين تي اڳرائي ڪرڻ جا ۽ 5 لک هڪ زخمي جا رکيا ويا، اهڙي طرح ڪيهر ڌر تي هڪ ڪروڙ 30 لک روپيا ڏنڊ پيو، جڏهن ته شر ڌر مٿان ٽن خونن جا 60 لک، اڳرائي جا 15 لک ٽوٽل 75 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور تي 2 ڪروڙ 5 لک روپيا ڏنڊ پيو، فتويٰ ٻڌڻ بعد ڪيهر برادري جي آمدياڻي پاڙي جا ماڻهو بگو ڪيهر سميت ٻيا فيصلو قبولڻ کان انڪار ڪري اٿي هليا ويا، جن لاءِ ڪيهر برادري جي ٻين چڱن مڙسن کين ساڳي فتويٰ تي بيهارڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد فيصلي جي سرپئنچ فتويٰ جاري رکندي چيو ته ڪورٽ ۾ ڌريون هڪ ٻئي خلاف داخل ڪيل ڪيسن مان پاڻ جان ڇڏائينديون ۽ ٻئي ڌريون ڏنڊ جي رقم هڪ ٻئي کي ٽن قسطن ۾ ادا ڪنديون، ياد رهي ته ڌرين ۾ هي 28 ورهين کان تڪرار هلي رهيو هو، جنهن ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 27 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ڪالهه نبيرو ڪيهر برادري ۽ شر برادري جي ٻن پاڙن وچ ۾ ٿيو، 30 مئي تي ٻين پاڙن وچ ۾ نبيرو ٿيندو.