لنڊن (م ڊ) پاڪستاني نسل جي پهرين مسلمان عورت مانچسٽر جي لارڊ ميئر ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ياسمين ڊار جي خلاف ڪنهن به ووٽ نه ڏنو جنهن کان پوءِ هوءَ مانچسٽر جي پهرين پاڪستان ڄاول مسلمان عورت لارڊ ميئر چونڊجي وئي. ڪائونسلر اختر زمان بولٽن سٽي ڪائونسل جو ڊپٽي ليڊر، ڪائونسلر راجا محمد ايوب خان ميئر آف بولٽن ڪائونسلر ۽ حاجي محمد فياض ميئر جو حلف کڻي ورتو. ان موقعي ياسمين ڊار جو چوڻ هو ته هو مانچسٽر ۾ ٻين کي بااختيار بڻائيندو. ڪائونسلر اختر زمان جو واسطو گجرات ضلعي سان آهي ۽ ڪائونسلر ايوب خان جو واسطو آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلا سان آهي.