ينگون (م ڊ) ميانمار ۾ پارسل بم ڌماڪو، اسيمبلي ميمبر سوڌو 5 ڄڻا مارجي ويا، ميانمار ۾ پارسل ڌماڪي جي نتيجي ۾ حڪمران آنگ سان سوچي جي پارٽي جي اسيمبلي ميمبر ۽ فوجي بغاوت جي مخالف ٽن پوليس آفيسرن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا. عالمي خابرو اداري موجب ميانمار جي هڪ ڳوٺ ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ هڪ اسيمبلي ميمبر، فوجي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندڙ پوليس آفيسرن سان گجهي طور تي رهيل هو، ان جي ٺڪاڻي تي هڪ پارسل آيو، جنهن کي کولڻ تي زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ اسيمبلي ميمبر، 3 اهلڪار ۽ پاڙيسري مارجي ويو.