ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن ۾ سوناري جي دڪان مان 10 ڪروڙن جو سون چوري، ان ڏس ۾ تين تلوار وٽ واقع گلف مارڪيٽ ۾ چور محمد آصف ابداڻي جي سون جي دڪان جا تالا ٽوڙي 10 کان 12 ڪلو سون چورائي ويا. متاثر دڪاندار ڪلفٽن ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته آئون 3 مئي تي افطار ي کان اڳ دڪان بند ڪري ويس، 4 مئي تي دڪان کولڻ پهتس ته شٽرن جا تالا ٽٽل هئا. دڪان ۾ داخل ٿيس ته 10 کان 12 ڪلو تيار ٿيل سون چوري ٿيل هو، پوليس موجب سون جي ماليت 10 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي