لاهور (م ڊ) مظفر ڳڙهه ۾ جرڳو، ڀاءُ جي ڏوهه جي سزا عيوض 2 نينگرين جي شادي ڪرائي وئي. پوليس موجب تعلقي علي پور جي موضع لنگرواهه ۾ جرڳي جي سربراهه ٻن نينگرن کي چٽي طور ڏئي ڇڏيو، نينگرن جي عمر 8 کان 10 سال آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته چٽي ۾ ڏنل نينگرين جي ڀاءُ فياض جا علائقي جي عورت سان لاڳاپا هئا، ان معاملي جو جرڳو ڪيو ويو، جرڳائي فياض جو نڪاح عورت سان ڪرايو، جڏهن ته فياض جي ٻن ننڍي ڄمار جي ڀينرن جو نڪاح وري عورت جي ڀائرن سان ڪرايو ويو، پوليس موجب جرڳائي جي حڪم تي 9 مئي تي ٻنهي ننڍي ڄمار جي ڀينرن جي رخصتي طئي هئي، پوليس ٻارڙين سان نڪاح ڪندڙ ٻنهي گهوٽن، جرڳائي ۽ نڪاح پڙهندڙ سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جرڳائي سوڌو 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.