ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) حيدرآباد ۽ سکر کي ملائيندڙ موٽر وي ايم 6  فراڊ ڪيس جي مک جوابدار عاشق ڪليري ڊي جي نيب ڪراچي وٽ  پلي بارگين لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. جوابدار پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو ته آئون قومي خزاني ۾ هڪ ارب 24 ڪروڙ جمع ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان. هوڏانهن نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جوابدار جي ملڪيتن جو پتو لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جوابدارکان وصول ڪيل رقم ۽ ڪرپشن ڪيل رقم جي ڀيٽ ڪئي ويندي، ملڪيتن جا تفصيل اچڻ کانپوءِ جوابدار جي پلي بارگين جي درخواست تي فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن موجب نيب جوابدار جي گهر مان 30 ڪروڙ رپيا هٿ ڪيا هئا، جڏهن ته عاشق علي جي نشاندهي تي نيب ڪراچي به 14 ڪروڙ رپيا هٿ ڪيا هئا. واضح رهي ته جوابدار عاشق ڪليري جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي، ٻيا جوابدار مفرور آهن، خوراڪ کاتي جو رٽائرڊ ملازم عاشق هڪ سياسي اڳواڻ جو ڪمدار( فرنٽ مين) پڻ رهيو آهي،