موهن جو دڙو (ن پ ا) ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو واسي مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان سعيد احمد عباسي جو ڪيس عدالتي حڪم تي ست جوابدارن مٿان موهن جو دڙو ايئرپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان سعيد احمد عباسي جي چاچي علي دوست عباسي جي فرياد تي گدا حسين عباسي، رزاق عباسي، سليمان عباسي ۽ 4 اڻسڃاتل جوابدارن مٿان ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪيس جي فريادي علي دوست عباسي پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀائيٽيو 10 محرم تي موهن جو دڙو جي ڪچي واري علائقي جي درگاھ سيد محبڻ شاھ تي دوستن سان گڏ ماتم ڏسڻ ويو هو ته هو واپس گهر نه آيو اهڙو اطلاع اسان ايئرپورٽ پوليس کي ڏنو هو پر پوليس جوابدارن مٿان ڪيس داخل نه پئي ڪري جنهن بعد اسان عدالت جو در کڙڪايو.هوڏانهن موهن جو دڙو ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايچ او رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته عدالت جي حڪم تي اسان ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.