سانگهڙ (رپورٽر) پيسا ٻيڻا ڪري ڏيڻ جو ڏٽو ڏئي ٺڳيندڙن جي ٽولي جا پنجاب واسي مامو ڀاڻيجو سوگها، سندن قبضي مان انساني عضوا، تعويزن جا کوکا ۽ ٻيو سامان هٿ. ان ڏس ۾ ڊي ايس پي سانگهڙ ۽ ايس ايچ او هتي ميڊيا کي ٻڌايو ته سانگهڙ ضلعي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پئسا ٻيڻا ڪري ڏيڻ جو ڏٽو ڏئي ٺڳيندڙن جو ٽولو پڪڙ ۾اچي ويو آهي، هنن ٻڌايو ته ٺڳ کپرو واسي کان 5 لک رپيا ڊبل ڪري ڏيڻ جي بهاني وٺي فرار ٿي رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي پوليس ناڪابندي ڪري ٻن ٺڳن کي سوگهو ڪري ورتو، پوليس موجب ٺڳ خرم آرائين ۽ قاسم راجپوت پنجاب جي شهر گجرانوالا جا رهواسي آهن، جيڪي ماڻ ۾ مامو ڀاڻيجو آهن، پوليس موجب ٻنهي ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.