خوراڪ کاتي وٽ 33 هزار 917 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي، پر نيب جاري ڪرڻ نٿو ڏئي:سنڌ ڪابينا کي بريفنگ

0
166

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خوراڪ کاتي وٽ 33 هزار 917 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي، پر نيب جاري ڪرڻ نٿو ڏئي، وڏي وزير مراد علي شاهه خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ جاري ڪرائڻ لاءِ نيب سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سنڌ ڪابينا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سرڪاري ڪڻڪ ڪنهن ٻئي گودام ۾ رکيل هئي، جنهن سبب نيب اُن کي تڪراري قرار ڏئي ڇڏيو، ڪڻڪ جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ خراب ٿيڻ جو خدشو آھي.

 سنڌ ڪابينا خريف جي مُند ۾ آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، چانور ۽ ڪپهه تي ڀاڻ لاءِ 1500 رُپيا في ايڪڙ سبسڊي ڏني ويندي، اڇي مُک کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 12 سئو روپيا في ايڪڙ تي ڏني ويندي، سنڌ بئنڪ طرفان پيپلز هاري ڪارڊ تحت سبسڊي جي رقم ڏيندي، سنڌ ڪابينا مڇي مارڻ جي لائسنس جو مُدو هڪ سال مان وڌائي 3 سال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

 سنڌ ڪابينا اسيمبلي ۾ سوال جواب بابت رولز ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ اسيمبلي ۾ ايم پي ايز جي سوالن جواب لاڳاپيل کاتي جو وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽري ڏيندو آهي، ترميم ۾ تجويز ٿيل آهي ته جيڪڏهن ڪو ايم پي اي خصوصي معاون ٿئي ٿو ته اُهو به اسيمبلي ۾ پنهنجي کاتي بابت ايم پي ايز جي سوالن جا جواب ڏئي سگهندو، ترميمي رولز سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايا ويندا..