مورو (رپورٽ: وحيد رزاق مستوئي) مورو ۽ ڀرپاسي مڪاني چونڊن جو چهچٽو زور وٺي ويو. ڪالهه مختلف ڳوٺاڻن ۽ شهرين پ پ ۾ شموليت ڪئي. پ پ جي ڊويزنل صدر ضياء الحسن لنجار سان ملاقات ڪري نوشهروفيروز جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن سان تعلق رکندڙ مختلف برادرين جي معززين پ پ ۾ شموليت ڪئي.  شموليت ڪندڙن ۾ فقير سائين نظام الدين سومرو عثماني آستانه نور المبين نزد سڌوجه ۽ فقير جماعت درگاھ سائين عثمان پرڻ، استاد شير محمد کوکر ڳوٺ ڀهرڻ، رضا محمد مشوري، رحيم بخش مشوري، ڳوٺ حاجي محمد حسن مشوري ڦل شهر، وڪيل فقير بخش سومرو، رياض احمد سيال ڳوٺ ڀورڻ، غلام نبي کوسو، ڳوٺ ڀائي خان نزد نيو جتوئي، حاجي علي خان کوسو، عاشق علي کوسو، وحيد کوسو، محمد علي کوسو، محمد رفيق کوسو، مير حسن کوسو، دلدار علي کوسو ڳوٺ حاجي ارباب کوسو، وڏيرو پهلوان کوسو، وڏيرو همٿ علي کوسو، اسحاق علي کوسو، دلدار علي کوسو، وڪيل علي دوست کوسو، گل محمد کوسو، غلام علي کوسو ڳوٺ پنهل خان کوسو نزد ڦل شهر، لونگ خان کوسو، فريد خان کوسو، ارشاد علي کوسو، عبدالغفور کوسو، محبوب خان کوسو،خادم حسين کوسو، الله رکيو کوسو ڳوٺ ڀائي خان نزد نيو جتوئي، عبدالجبار سومرو، عبدالحفيظ سومرو ڳوٺ محمد صفر سومرو نيو جتوئي، آدم خان خاصخيلي ڳوٺ الله بخش خاصخيلي نزد نيوجتوئي، هارون سولنگي، محبت خان سولنگي ڳوٺ حاجي موريل سولنگي نزد نيوجتوئي، حنيف سولنگي، رياض سولنگي ، محبوب چنا مورو ۽ استاد ڇٽل سيال ڳوٺ جا رهواسي شامل آهن. مختلف شخصيتن پاران جتوئي گروپ ( اين پي پي ) کي الوداع ڪري پنهنجي برادري سميت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويو. سندن چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي واحد عوامي پارٽي آهي جتي وڌ کان وڌ عوام جا مسئلا حل ٿين ٿا..