گمبٽ (ن پ ا) ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ تي چيئرمين جي امڪاني اميدوار شيخ خالد حسين الزام هڻندي چيو آهي ته ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ جي مختلف وارڊن تي پ پ پاران ڪائونسلر ۽ چيئرمين لاءِ متوقع اميدوار عبداللطيف شيخ تي ڪرپشن جا الزام عدالت ۾ ثابت ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن فارم رد نه ڪيو ويو ته  عدالت جو در کڙڪائيندس. پريس ڪلب گمبٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جو چوڻ هو ته پ پ 14 سالن ۾ گمبٽ ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو آهي. عبداللطيف شيخ کي عدالتون ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي ٽي ڀيرا 2001، 2007 ۽ 2017 ۾ نااهل قرار ڏئي چڪيون آهن. عدالت کيس هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن جا پئسا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جيڪي هن اڃا واپس نه ڪيا آهن. ف ليگ اميدوار جو وڌيڪ چوڻ هو ته آر او کي پ پ اميدوار خلاف ٻه ڌار ڌار درخواستون ڏنيون ۽ ثبوت پڻ پيش ڪيا آهن. جيڪڏهن پ پ اميدوار جو فارم خارج نه ٿيو ته عدالت جو درکڙڪايو ويندو.