ملڪ لاءِ سٺيون خبرون ،عوام کي به فائدو ٿيندو؟

0
153
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

گهڻي وقت کان وٺي معاشي ۽ سياسي طور  رڳو خراب خبرون اچي رهيون هيون جنهن ڪري عوام توڙي  ملڪي حڪمران هڪڙي غير يقيني  ۾ ڦاٿل هئا جڏهن ته ملڪي سياسي نظام به عدم استحڪام جو شڪار هو ته ڪنهن کي ڪا خبر نه هئي ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي؟حڪمران ته عوام کان معاشي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين قرباني گهري انهن تي بار مٿان بار وجهي رهيا هئا ۽ حڪمرانن کي گهڻي پرواهه به نه هئي پر عام ماڻهو کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته هو اها قرباني ته ڏين پر اهو بار ڪيئن برداشت ڪري سگهندا جيڪو هاڻي ضروتن کان وڌي اچي انهن جي ٻچن جي گرهه کسڻ تائين پهتو هو .پر حڪمران ڪجهه به سوچڻ کانسواءِ عالمي صورتحال جو بهانو بڻائي اهو بار عوام ڏانهن اڇلائيندا رهيا،ڀلي اهي هاڻوڪا حڪمران هجن يا بي اعتمادي جي ذريعي هٽايل اڳوڻا حڪمران ٻنهي کي معاشي صورتحال بهتر ڪرڻ جو طريقو رڳو عوام تي بار اڇلائڻ ۾ ئي نظر پئي آيو ،جنهن ڪري اڳوڻي حڪومت کان پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ واڌ کان وٺي آءِ ايم ايف جا ڳرا شرط مڃڻ تائين حڪمرانن کي ٻيو ڪو رستو نظر نه آيو ۽ عوام تي اهو بار پوندو رهيو پر ڇا هاڻي جڏهن آءِ ايم ايف قسط ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ پيٽروليم جي شين جا اگهه به عالمي طور گهٽجي رهيا آهن ته انهي جو عوام کي به فائدو پوندو جنهن  ڏکئي وقت ۾ پنهنجي ٻچن جو گرهه کسي به ٽيڪسن کان وٺي بجلي جي اگهن ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو بار برداشت ڪيو.

اسان وٽ روايت رهي آهي ته هر حڪومت اڳوڻي حڪومت تي الزام هڻي پنهنجي جان آجي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي .اهو سلسلو پاڪستان ٺهڻ کان وٺي جاري آهي .پي ٽي آءِ جي حڪومت به انهي روايت کي برقرار رکندي جڏهن حڪومت ۾ آئي ته اهو الزام هنيو ته اڳوڻي حڪومت سڄو خزانو خالي ڪري وئي آهي جنهن ڪري عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ناهي عوام کي قرباني ڏيڻي پوندي. پوءِ وري ڪورونا جو بهانو  ته معيشت تي بار پئجي ويو آهي ۽ وري آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون جنهن جي ان وقت جي مخالف ڌر ۽ هاڻوڪي اتحادي حڪومت سخت مخالفت ڪئي ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ عوام تي بار وڌو پيو وڃي.انهي وقت ۾ ڊالر مهانگو ٿيو ته پيٽرول جون قيمتون به وڌيون ته مهانگائي به بي قابو ٿي وئي جنهن کان پوءِ اهو سلسلو ڪٿي بيهڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي.جڏهن هاڻوڪي حڪومت آئي ته پي ٽي آءِ اها دعويٰ  ڪندي رهي ته هو معيشت بهتر ڪري ويا هئا پر اتحادي حڪومت ان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.

جڏهن ته اتحادي حڪومت وري اهو الزام لڳائيندي رهي ته پي ٽي آءِ حڪومت  آءِ ايم ايف سان اهڙن شرطن تي معاهدو ڪيو آهي جنهن جي ڪري مجبوري ۾ پيٽرول جون قيمتون به وڌائڻيون پيون ته بجلي جا اگهه به وڌائڻا پيا.ٻنهي حڪومتن جي هڪٻئي تي الزام تراشي ۾ سڄو بار عوام ئي برداشت ڪندي رهي پر انهن حڪمرانن ڪڏهن به انهي عوام تان بار گهٽائڻ لاءِ پنهنجا غير ضروري خرچ گهٽائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.آءِ ايم ايف سان لڳاتار ڳالهين کانپوءِ نيٺ وڃي هڪ ارب سترنهن ڪروڙ ڊالرن جي قسط ملڻ جو معاهدو ٿي ويو آهي. جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ به لڳاتار گهٽتائي ٿي رهي آهي اهي ٻئي شيون هڪ ئي وقت سامهون آيون آهن جنهن ڪري ملڪ ۾ جيڪا معاشي غير يقيني جي صورتحال هئي انهي جي خاتمي ۾ مدد ملندي.عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي تي وفاقي حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ان کي عوام لاءِ رليف قرار ڏنو آهي جنهن مطابق پيٽرول جي في لٽر ۾ 18 رپيا ۽ ڊيزل جي في لٽر ۾ 40 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته جنهن نموني جي مهانگائي کي عوام منهن ڏئي رهيو آهي ان جي ڀيٽ ۾ اهو اعلان ناڪافي آهي ڇاڪاڻ ته پيٽرول جي  اگهن ۾ جنهن پئماني تي واڌ ڪئي وئي هئي اها گهٽتائي ان جي مقابلي ۾ ڪجهه به ناهي جڏهن ته مٿان وري 15 رپيا ليوي به لڳائي وئي هئي. پيٽرول جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي واڌ سبب ٻين شين جا جيڪي اگهه وڌي ويا هئا اهي به ساڳي ريت برقرار آهن .تنهن ڪري حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پيٽروليم جي اگهن ۾ عالمي مارڪيٽ جي حساب سان گهٽتائي ڪري ۽ جيڪي ٻين شين جون قيمتون وڌيون هيون انهن کي به واپس آڻڻ لاءِ قدم کڻي تڏهن وڃي عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهندو.