سنڌ ۾ فسادن جي سازش ۽ ڌاري آبادڪاري جو مسئلو

0
199
موٽروي ڪرپشن ڪيس ۽ ڪمپني سرڪار جون ترجيحات

   هاڻي جيڪا خوف ۽ خطري واري لهر سنڌ ۾ هلي پئي آهي ان مان صاف ظاهر آهي ته اهي سنڌ حڪومت اوچتو ئي اوچتو بگڙي ويل حالتن جو درست اندازو نه ڪري سگهي ۽ وڏي وزير کان ويندي وزيرن مشيرن تائين اها ڳالهه سمجهي ناهن سگهيا ته مسئلي جو حل يا مسئلي جون اصل پاڙون ڪٿي دنگ ڪن ٿيون. ٻي صورت ۾ حيدرآباد بائي پاس تي قائم سلاطين هوٽل تي ماني کائڻ بعد هوٽل مالڪ ۽ سندس گراهڪ وچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ وارو معاملو ايترو وڏو ڪونه هو جو ان کي بنياد بڻائي سنڌ ۾ فسادن جي هڪ نئين لهر شروع ڪئي وڃي. حيدرآباد پوليس پڻ ان واقعي کي ابتدائي طور ايترو سنجيدگيءَ سان شايد نه ورتو ۽ تيستائين روايتي سستيءِ جو مظاهرو ڪندي رهي جيستائين قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا جي وارثن ٻين سياسي سماجي اڳواڻن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو نه ڪيو. ان واقعي بعد مختلف شهرن ۾ ردعمل ظاهر ٿيڻ لڳو ۽ نوجوانن جي گروپن هوٽل بند ڪرائڻ شروع  ڪيا. انهن نوجوانن جي هٿن ۾ نه ته ڪنهن سياسي جماعت جو جهنڊو هو نه ئي انهن ڪنهن جي خلاف ڪي نعرا پئي هنيا. انهن جو هڪ ئي نعرو هو ته “سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور .سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيو.” اهي نعرا سنڌ ۾ تمام پراڻا سياسي نعرا آهن. جن طرف ڪڏهن به ڌيان نه ڏنو ويو آهي.

اهي مختلف وقتن تي مختلف شهرن جي ڀتين تي ڪيل چاڪنگ دوران به توهان کي مليا هوندا ته هاڻي سوشل ميڊيا جي دور ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان پڻ اهڙا نعرا ٻڌڻ ۾ ايندا هوندا. انهن نعرن جي پوري هڪ تاريخ آهي. انهن نعرن جو هڪ پورو سياسي سماجي تسلسل ۽ پس منظر آهي. ڇو ته اهي نعرا توهان کي ڪڏهن به پنجاب يا ڪي پي  يا بلوچستان مان لڳندي نه ملندا. ان ڪري ئي انهن نعرن طرف سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ جماعتون يعني پيپلزپارٽي يا مذهبي جماعت جي يو آئي توجهه ڏيندي نه ملنديون نه ئي انهن نعرن تي هاڻوڪي وزيراعليٰ جيان ڪنهن ٻئي وزيراعليٰ ڪڏهن توجهه ڏنو هجي. سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه ته سنڌ ۾ ٻاهران آيل ماڻهن جي حمايت ۾ ايترو اڳتي نڪري ويو جو پاڻ کي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن کي محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ ايندي ٻڌايو اٿائين. جنهن ڪري مٿس سوشل ميڊيا تي ڪيتريون ئي مشڪريون ۽ طنزون ٺهڻ لڳيون آهن ته جيڪڏهن سنڌ ۾ سمورا ماڻهو محمد بن قاسم يا ارغونن ترخانن سان گڏ آيا هئا ته پوءِ هتان جا اصلوڪا ماڻهو ڪيڏانهن ويا.

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف انهن نعرن ان ڪري به جنم ورتو آهي ته سنڌ جي آباديءَ ۾ ڏينهون ڏينهن اهڙن ماڻهن جي اچڻ ڪري اضافو ٿي رهيو آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي ملڪن يا علائقن ۾ ڪنهن نه ڪنهن اقتصادي يا جياپي جي مسئلي جي ڪري پنهنجا علائقا ڇڏي سنڌ ۾ اچي رهائش پذير ٿيا آهن. جنهن ڪري اصل  رهاڪن جي نه رڳو آبادي جو تناسب بگڙجي ويو آهي پر اصل رهاڪن جي روزگار ، تعليم ۽ ڪاروبار جا موقعا تمام گهٽ ۽ سوڙها ٿيندا پيا وڃن. جنهن ڪري سنڌ جي اصل رهاڪن جي هر ڀيري هر سياسي اقتداري جماعت کان اها گهر رهي آهي ته سنڌ ۾ آباد ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. انهن جو تعلق چاهي ڪهڙي به ملڪ يا ڪهڙي به قبيلي سان هجي. سنڌ ۾ مذهبي ناتي يعني اسلامي ڀائيچاري خاطر جڏهن جنرل  ضياءَ جي حڪومت افغانستان جي مهاجرن کي آڻي آباد ڪيو هو ته تڏهن به سنڌ جي اصل رهاڪن اها گهر ڪئي آهي ته هزارين لکين افغان پناهگير اچڻ سان سنڌ جي اصل رهاڪن لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا.پر ان وقت جي حڪومت  اهو چئي معاملو ٺاريو هو ته جيئن ته افغانستان ۾ جنگ هلي رهي آهي تنهن ڪري افغانستان ۾ امن ٿيڻ تائين افغان پناهگيرن کي مهمان ڪري ترسايون ٿا جيئن ئي سندن ملڪ ۾ امن ٿيو ته انهن کي واپس روانو ڪيو ويندو. انهن افغان بستين کي ان وقت ڪراچي کان ٻاهر سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ ترسايو ويو ته جيئن اهي شهري آبادي کان الڳ ٿلڳ رهن ۽ عالمي ادارن کي پڻ سندن رجسٽريشن يا امداد وغيره ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.

پر اها به حقيقت آهي ته ضياءَ جي اقتدار بعد جڏهن افغانستان ۾ امن قائم به ٿي ويو ته کين واپس نه موڪليو ويو جنهن ڪري هتي ئي انهن جا نوان نسل پيدا ٿي مقامي پيداوار جي وسيلن تي بار بڻيا. ملڪي وسيلا هر هڪ ملڪ جا الڳ الڳ هوندا آهن ۽ اهي ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهرين سان ونڊ نٿا ڪري سگهجن.ڀلي ته انهن جو مذهب، رنگ نسل ساڳيو هجي. ايئن هجي ها ته آفريڪي ملڪن گهانا ۽ نائيجيريا وچ ۾ غيرقانوني طور ترسيل پناهگيرن جي مسئلي تان سالن جا سال معاملا بگڙيل نه هجن ها. انهن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جو رنگ نسل مذهب سڀ ساڳيا هئا پر ان جي باوجود نائيجيرين ماڻهن ڏٺو ته گهانا وارا ماڻهو سندن وسيلن تي بار بڻجي رهيا آهن ۽ غيرقانوي طريقي سان اچي آباد ٿي مقامي آبادي جي ڊيموگرافي تبديل ڪري رهيا آهن ته نائيجيريا جي پهرئين سويلين صدر سيهو عثمان علي شگري اقتدار ۾ اچڻ شرط 1983ع ڌاري  اهو صدارتي آرڊيننس ڪڍيو ته گهانا وارن سميت جيڪي به غيرقانوني پناهگير نائيجيريا ۾ ترسيل آهن انهن کي ملڪ کان ٻاهر ڪڍيو وڃي. سيهو شگري جي ان تاريخي صدارتي آرڊيننس بعد ٻه ملين پناهگير نائيجيريا مان ڪڍيا ويا جن ۾ هڪ ملين گهانا جا پناهگير به شامل هئا. ان دور ۾ “گهانا مسٽ گو” جهڙو جملو نائيجيريا ۾ ايترو ته مقبول ٿيو جو بعد ۾ ان نالي تحت  ناول لکيا ويا ۽ فلمون توڙي ڊراما تيار ڪيا ويا.

ان صدارتي آرڊيننس لاڳو ڪرڻ جي ايتري سختي هئي جو گهانا جي پناهگيرن کي ڪو گهڻو سامان کڻڻ جي به فرصت نه ملي سگهي ۽ اهي ٿيلهن ۾ جيڪو سامان کڻي سگهيا سو کڻي واپس هليا ويا. سو عالمي طور حالتن جو جائزو وٺجي ته ڪو به ملڪ غيرقانوني طور آيل پناهگيرن کي پنهنجي وطن ۾ جڳهه نٿو ڏئي. تمام هنگامي حالتن جي صورت ۾ به انهن مان چند خاندانن کي اها اجازت ڏني ويندي آهي ته اهي اچي مختلف خيمن يا ڪيمپن ۾ ترسن جتان پنهنجي ملڪ جون حالتون بهتر ٿيڻ بعد واپس روانا ٿي وڃن. پر هتي سنڌ ۾ اها حالت آهي جو نه صرف افغان پناهگير پر برمي ، بنگالي ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو پڻ غيرقانوني طريقي سان اچي آباد ٿين ٿا ۽ ڪجهه سال ترسڻ بعد هتي جي سسٽم کان واقف ٿي هتان جا رهائشي سرٽيفڪيٽ ۽ ڪاغذ هٿ ڪري وٺن ٿا جنهن ڪري سنڌ جي وسيلن تي پڻ بار وڌندو پيو وڃي.

سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پنجاب جي حڪومت جي طرز تي اهڙي پاليسي مرتب ڏئي ته جيئن پرڏيهي پناهگيرن جي ان آمد کي نه صرف روڪي سگهجي پر وفاق سان ڳالهائي اڳواٽ ئي سالن کان آباد پرڏيهي پناهگيرن کي واپس پنهنجي پنهنجي ملڪ موڪلڻ جو بندوبست ڪري ته جيئن سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچي ۾ نه صرف امن امان ٿي سگهي پر هر روز ٿيندڙ لساني يا نسلي فسادن مان پڻ جند آجي ٿي سگهي. پنجاب حڪومت ان ڏس ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ايترا قانون سخت ڪيا آهن جو انهن جي لاهور يا ٻين شهرن ۾ ايئن ڌاري آبادڪاري وسيلن تي قابض ناهي جيئن سنڌ ۾ لٽ مار لڳي پئي آهي. پنجاب ۾ ته  ملڪيتن خريد ڪرڻ يا مسواڙن تي وٺڻ جون به پناهگيرن لاءِ ايتريون پيچيدگيون پيدا ڪيل آهن جو اهي آساني سان مارڪيٽن يا ڪاروبار مٿان قابض نه ٿي سگهيا آهن. سنڌ حڪومت کي هاڻي جرئتمندي جو مظاهرو ڪندي ڌرتي ڌڻين جي قانوني حقن جي تحفظ لاءِ اهڙي قانونسازي طرف وڃڻو پوندو جهڙي قانونسازي ملائيشيا جو مهاتير محمد پنهنجي ڀومي پترن نالي ڪري ويو آهي.