اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بي اعتمادي رِٿ بابت سُپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پي ٽي آءِ قيادت خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي لاءِ خصوصي ڪميٽي قائم، وفاقي ڪابينا طرفان ٺهراءُ منظور ڪندي عدالتي فيصلو تاريخي قرار، سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ جُڙيل ڪميٽي عدالتي فيصلي جي روشني ۾ قدمن بابت تجويزون پيش ڪندي، طيبه گل اسڪينڊل تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو اعلان، اجلاس بعد سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته طيبه گل ڪميشن جي جاچ بعد حقيقتون عوام آڏو آنديون وينديون، پي ٽي آءِ طيبه گُل اسڪينڊل تي نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪيا، تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي ۽ سپريم ڪورٽ جي بي اعتمادي رٿ بابت تفصيلي فيصلي جو جائزو ورتو ويو.  ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو ته فيصلي سان آئين جو تحفظ يقيني بڻيو، سپريم ڪورٽ طرفان ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بابت ڪيس جو فيصلو ساراهه جوڳو  آهي. ڪابينا اجلاس بعد سڌ سماءُ واري وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪابينا ۾ قرارداد منظور ڪري سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪئي وئي ۽ فيصلو تاريخي قرار ڏنو ويو، عدالتي فيصلي نظريه ضرورت کي دفن ڪري ڇڏيو، ڪابينا ميمبرن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان آئين جي بالادستي قائم ٿيندي، منظور ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو ته آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي حق حڪمراني تي راتاهو هنيو ويو اهو سلسلو سدائين لاءِ روڪيو وڃي، ڪاميٽي عدالتي فيصلي جي روشني ۾ قدم تجويز ڪندي. وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ اٿاريل نقطن تي عملدرآمد ۽ آرٽيڪل 6 تحت سنگين غداري جي ڪارروائي لاءِ قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ خصوصي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ڪاميٽي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ تجويزون ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي، ڪاميٽي ۾ سڌ سماءُ واري وزير، قمر زمان ڪائرا ۽ سمورين اتحادي پارٽين مان هڪ هڪ ميمبر شامل هوندو. ڪنهن ڪنهن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ٿيندي؟ ان سوال تي مريم اورنگزيب چيو ته عدالتي فيصلو واضح آهي جنهن ۾ نالا آهن ته اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، صدر ۽ وزيراعظم آئيني عهدن جي تذليل ڪئي، ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته سدائين آئين جي ڀڃڪڙي روڪڻ لاءِ ڪاميٽي تجويزون پيش ڪندي ۽ ڪابينا ان جي منظوري ڏيندي. ٻئي طرف ڪابينا جي اجلاس ۾ طيبه گل اسڪينڊل تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. ان حوالي سان مريم اورنگزيب چيو ته طيبه گل واري معاملي تي ڪابينا جي اجلاس ۾ بحث ڪيو ويو، ڪالهه وزيراعظم هائوس مان طيبه گل سان رابطو ڪيو ويو هو جنهن دوران هن ٻڌايو ته کيس اغوا ڪري 18 ڏينهن تائين وزيراعظم هائوس ۾ رکيو ويو، طيبه گل کان سمورا ثبوت ورتا ويا، وزيراعظم هائوس مان نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري کيس سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو. سڌ سماءُ واري وزير وڌيڪ چيو ته طيبه گل واري معاملي تي آزاد ۽ شفاف جاچ ڪميشن جوڙي ويندي ۽ ملوث ماڻهن خلاف انڪوائري ڪميشن جي راءِ پٽاندڙ ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته هن ڪميشن پٺيان ڪو به سياسي مقصد ناهي.