ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۾ تڪراري دڪان کولڻ تان لغاري ۽ انڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف لغاري برادري جي ماڻهن پاران پنگريو_ جهڏو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي جان محمد، محمد اشرف، عبدالرزاق لغاري، بهرام لغاري، نجم دين لغاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته انڙ برادري جي ماڻهن تڪراري دڪان کولي فائرنگ ڪري اسان جا 10 ماڻهو زخمي ڪيا آهن، پر پوليس نه ئي ڪيس داخل ڪيو آهي نه جوابدار گرفتار ڪيا آهن، جنهن سبب خون ريزي جو خطرو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو، هوڏانهن پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته پنگريو ٿاڻي تي صحافي فقيرگل حسن انڙ، علي نواز انڙ سميت 20 ڄڻن تي جھيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن لغاري ڌر جي زخمي امير لغاري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.