دادو (رپورٽر) ميهڙ جي 3 شاگرد نزاڪت آگرو ، ميڊيڪل ريپ مزمل عباسي ۽ غلام علي ٻرڙو وڪيل محمد علي ڪانڌڙو ۽ شير علي چانڊيو معرفت ايس ايڇ او بي سيڪشن ميهڙ ڪابل ڀيو خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاء فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، عدالت نوٽيس جاري ڪري 28 سيپٽمبر تي ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي طلب ڪري ورتو آهي، شاگرد نزاڪت آگرو موجب هو بي اي جو پيپر ڏيڻ لاء ڪاليج ويو ته موٽر سائيڪل چوري ٿي، جيڪا پوليس هٿ ڪري ملوث ماڻهون گرفتار ڪيا پر پوليس گرفتار ڪيل ماڻهون آزاد ڪيا ۽ مونکي موٽر سائيڪل واپس نه ڪئي ۽ ايس ايڇ او جي ڀاء سونو ڀيو موٽر سائيڪل واپس ڪرڻ 20 هزار ڀنگ گهريو ، ميڊيڪل ريپ مزمل عباسي ، غلام علي ٻرڙو جون چوري ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون پر پوليس اسان واپس ڪرڻ بدران گم ڪري ڇڏيون آهن ۽ شڪايت جي صورت ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.