سکر (بيورو رپورٽ) عدالتي حڪم بعد شڪارپور پوليس جي اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪارن خلاف قتل جي ايف آءِآر داخل. تفصيل موجب هلندڙ سال آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ شڪارپور پوليس سکر واسي نوجوان معشوق شيخ کي ڏوهاري ڄاڻائي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. نوجوان جي امڙ مسمات ياسمين عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏنو ۽ ذميوارن خلاف ايف آءِ آر درج ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي. اهڙي درخواست تي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت جي حڪم تي مبينا مقابلي ۾ نوجوان کي مارڻ جو قتل ڪيس مسمات ياسمين جي فرياد تي اي ايس آءِ سوڌو 6 اهلڪارن خلاف سائيٽ ايريا ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ اي ايس آء منصور ڪاڪيپوٽو، شاهنواز. فاروق، ڪامران ۽ ٻين اهلڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. مسمات ياسمين شيخ فرياد ۾ ڄاڻايو آهي ته 7 آگسٽ تي پوليس پٽ کي سندس ٻن دوستن سميت کنڀي کڻي ٻئي ڏهاڙي جڙتو مقابلو ڏيکاري ماري ڇڏيو. پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.