ملير جي قديمي ڳوٺن تي مبينا قبضي جي ڪوشش خلاف ڌرتي ڌڻي سراپا احتجاج

0
251

ڪراچي (نمائندن وٽان) ملير جي قديمي ڳوٺن تي مبينا قبضن لاءِ بحريه ٽائون انتظاميا جي چڙهاين ۽ حملن خلاف ڌرتي ڌڻي سراپا احتجاج، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ادبي سنگت، قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ واسي بحريه ٽائون انتظاميا خلاف رستن تي نڪري آيا، دادو، پنو عاقل، ڪنڌرا، ڪڍڻ، قاضي احمد، ميهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ قلم ڌڻين توڙي قومپرست ڪارڪنن جا مظاهرا، قديمي ڳوٺن تي قبضن لاءِ چڙهاين ۾ ملوث بحريه ٽائون عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو، ڌرتي ڌڻين طرفان قديمي ڳوٺن جي متاثرن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو آھي.