ڪورونا مان صحتيابي بعد ورزش ڪرڻ لازمي قرار

0
330

لنڊن: (دلچسپ نيوز) سموري دنيا ۾ ڪورونا سبب صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ لکن ۾ آهي. پر ڪيترن ئي مريضن ۾ مختلف مسئلا نظر آيا آهن.ان حوالي سان باقاعده ورزش ان خطرناڪ مرض جي حملن کان بچائي سگهي ٿي. برطانيه ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ريسرچ سان سلهاڙيل تحقيقي مرڪز ڪورونا 19 جي ڪيترن ئي مريضن کي ڇهن هفتن تائين ورزش ڪرڻ جو چيو جنهن جا حيرت ۾ وجهندڙ فائدا ڏسڻ لاءِ مليا. ورزش ڪندڙ ماڻهن جي جسماني طاقت سان گڏوگڏ دماغي صلاحيت ۾ به بهتري نوٽ ڪئي وئي.هي تحقيق جنرل آف ڪرونگ رپسئارينٽري ڊيزيز ۾ شايع ٿي آهي. ان کان علاوه ڪورونا مان متاٿر ٿيندڙ 30 مريضن کي ڪورونا مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ڇنڇر ۾ ٻه ڀيرا ورزش جون ڪلاسون ڏنيون ويون ۽ انهن کي اسپتال ۾ گهرائي مختلف ورزشون ڪرايون ويون. ڇهن هفتن کان پوءِ سمورن شرڪت ڪندڙن ورزش ۾ بهتري ڏيکاري ۽ انهن کي نمبر ڏنا ويا. اهڙي طرح هنن جي ٿڪاوٽ ۾ به بهتري آئي. ان کان اڳ اڪثر مريضن ۾ جسماني ۽ نفسياتي بيماري به هوندي هئي جيڪا ان جي روزاني واري زندگي کي سخت متاثر ڪندي هئي.واضح رهي ته عام حالتن ۾ جڏهن مريضن کان ورزش ڪرائي ويندي آهي ته انهن ۾ ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري محسوس ٿيندي آهي پر ڪورونا مريضن ۾ اهڙي طرح جا منفي آثار نظر نه آيا.