ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو سان تعلق رکندڙ سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جو پهلوان غلام قادر آمڙو چمڙي جي هڪ خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي ڄامشورو جي لمس اسپتال ۾ داخل آهي، ماضيءَ ۾ صوبائي سطح تي وڏا وڏا ملھ مقابلا کٽيندڙ غلام قادر آمڙو هن وقت بي وسي جي عالم ۾ ڪنهن مسيحا جو منتظر آهي، جيڪو هن جو بهتر نموني علاج ڪرائي سگهي، انهيءَ حوالي سان سندس پٽ حبيب الله آمڙو جو چوڻ آهي ته بابا هن وقت تڪليف واري حالت مان گذري رهيو آهي، هن جون ٽنگون ۽ پير چمڙي جي هڪ خطرناڪ ۽ پراسرار بيماري جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، جنهن سبب کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، پر ڪو خاص فرق نه پيو اچي، اسپتال ۾ ڪا خاص سهولت ڪونهي ٻيو ته ڊاڪٽر به بيماري جو ڪو پتو نه پيا لڳائي سگهن بابا جي خدمتن جي بدلي ۾ هن جو ڪنهن سٺي اسپتال ۾ علاج ڪرايو وڃي.