ٽنڊوغلام علي(رپورٽ: نزاڪت علي ڀٽي) ٽنڊوغلام علي ڀرسان صابن دستي ويجهو بزرگ ولي سيد مصري شاھ جو عرس مبارڪ ۽ پنجن ڏينهن وارو ساليانو ميلو شروع ٿي ويو, ميلي جو افتتاح اڳوڻي ضلعي چئيرمين علي اصغر ھاليپوٽي جو پٽ واحد ھاليپوٽو ۽ يوسي ھاليپوٽا جو سابق چئيرمين ۽ سماجي اڳواڻ عبدالحق ھاليپوٽو، رئيس محبوب خان سريوال، وڏيري ارباب خاصخيلي ۽ ٻين چادر چاڙھي ڪيو. پهرئين ڏينهن سهي ۽ ڪتي جي ريس جا مقابلا ۽ ملاکڙو ٿيو. ملاکڙي ۾ ملھه پهلوان ڪولر زرداري، پهلوان جمعون خان پٺاڻ، مراد پنهور، لالو حليم خان پٺاڻ، عرفان ملاح، جڙيو نوحاڻي، غلام حسين سريوال، صدام پنهور، حمل مري، سومار ٿيٻو، معشوق کوسو، معشوق لغاري، عاشق کوسو، بوسڪي پنجابي ۽ نويد بلوچ مقابلو ڪيو. گرائونڊ ۾ “ايڪ زرداري سب پي ڀاري” جا نعرا هنيا ويا. پهلوان مراد پنهور ڪولر زرداري کي ڦيرائي ڦيرائي ڌڪ ھڻي ٻوڙي ڇڏيو. جمعون خان پٺاڻ پهلوان معشوق کوسي کي مٿان ڪري ھڻي ٻوڙي ڇڏيو پنڊال ۾ ويٺلن شوقين پهلوانن مٿان نوٽن جي ورکاءُ ڪيو. ڌڻي پرتو جي ڪتي پهرين پوزيشن ماڻي بوسڪي جو پٽڪو حاصل ڪيو. حاجي ڏنو مري مير پورخاص واري جي ڪتي ٻي پوزيشن محمد رحيم جوکيو ضلعو ٺٺو واري جي ڪتي ٽين پوزيشن ديدار نظاماڻي ڪڙيو گهنور واري جي ڪتي چوٿين پوزيشن ماڻي.