مشهور بالي ووڊ اداڪاره اسرائيل ۾ ڦاٿل، ٽيم سان رابطو

0
178
مشهور بالي ووڊ اداڪاره اسرائيل ۾ ڦاٿل، ٽيم سان رابطو ٿي ويو
مشهور بالي ووڊ اداڪاره اسرائيل ۾ ڦاٿل، ٽيم سان رابطو ٿي ويو

فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي ڪري اسرائيل ۾ ڦاٿل بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره نشرت بهروچا جو ان جي ٽيم سان رابطوٿي ويو

ڀارتي ميڊيا موجب نشرت بهروچا جي ٽيم ميمبر ڀارتي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته نشرت سان رابطو ٿي ويو آهي ۽ هوءَ خيرت سان آهي، سفارتخاني جي مدد سان اداڪاره کي حفاظت سان وطن واپس آندو پيو وڃي

ٽيم ميمبر موجب هن وقت نشرت اسرائيلي انٽرنيشنل ائيرپورٽ تل ابيب تي موجود آهي، جنهن کي جلد ڀارت آندو ويندو،

ڀارتي ميڊيا موجب نشرت جي ٽيم اهو به ٻڌايو ته اسان کي ٽائريڪٽ فلائٽ نه ملي، ان جي ڪري ڪنيڪٽنگ فلائٽ ذريعي ڀارت اچي رهيا آهيون، سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ تفصيل شيئر نٿا ڪري سگهون، اداڪاره ڀارت پهچندي تي ميڊيا کي سڀ ڪجهه ٻڌايو ويندو

هي به پڙهندا

حماس ۽ اسرائيلي فورسز ۾ ٻئي ڏينهن به جنگ، حماس جي حملن ۾ 500 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا