مدئجي: پوليس هٿان کنڀيل پيءُ پٽ جو ڏس نه پتو، عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل

0
172
مدئجي: پوليس هٿان کنڀيل

مدئجي (ن پ ا) 20 ڏينهن اڳ پوليس هٿان مبينا طور تي کنڀيل پيءَ پٽ واپس نه موٽي سگهيا، سندن گهر ۾ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون

شڪارپور ضلعي جي لکي غلام شاھ ۽ مدئجي ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ دين محمد بروهي جي رهواسين پيء پٽ ايوب بروهي ۽ ذوالفقار بروهي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

مسمات رحيمان، حليمان ۽ مسمات  ٻين چيو ته شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جنهن ۾ لکي غلام شاھ ڊي ايس پي ۽ مدئجي ٿاڻي جي اهلڪارن صديق ڀٽو، اطهر جکرو ۽ شبير ملگاڻي اسان جي ٻن ڄڻن پيرسن ايوب بروهي ۽ سندس پٽ ذوالفقار بروهي کي کنڀي گم ڪيو آهي

هنن چيو ته پوليس اسان کان لکين روپيه رشوت گهري هئي، نه ڏيڻ تان ٻنهي ڄڻن کي گم ڪيو ويو آهي، احتجاج ڪندڙ عورتن چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون پوليس بناجواز ٻنهي ڄڻن کي گم ڪيو آهي خبر ناهي ٻئي ڄڻا زنده آهن يا پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي

هنن چيو ته عيد مٿان آهي اسان جا ٻئي ڄڻا پوليس وٽ قيد آهن، عيد جون خوشيون گهر ۾ ماتم ۾ تبديل آهن، اء جي سنڌ ۽ ٻين کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي اسان جي ٻنهي ڄڻن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف جاچ ڪري کين معطل ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

مڙس زوري بدپيشو ڪرائي ٿو، انڪار تي تشدد ڪري ٿو: شريمتي ڪولھي