مڙس زوري بدپيشو ڪرائي ٿو، انڪار تي تشدد ڪري ٿو: شريمتي ڪولھي

0
494

مڙس زوري بدپيشو

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) مڙس علائقي جي بااثرن کان زوري بدپيشو ڪرائي ٿو، منع ڪرڻ تي وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، ان ڪري  مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي والد جي گھر پھتي آھيان

ڊگھڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير حاجي فتح ٽالپر واسڻ عورت شريمتي وختو ڪولھي پنھنجي والد ھيرو  ڪولھي سان گڏ ميرپورخاص پھچي صحافين آڏو احتجاج ڪيو

شريمتي وختو ڪولھي دانهيندي وڌيڪ چيو آھي ته ھڪ سال پھرين رميش سان شادي ٿي ھئي، مڙس ڪم ڪار ناھي ڪندو، علائقي جي بااثرن ڏنو جروار، خالق، علي محمد جروار سميت ٻين ماڻهن کي گھر وٺي اچي مونسان بدپيشو ڪرائيندو آھي جيڪو عمل ھر ھفتي 3 کان 4 دفعا ڪيو ويندو آهي

هن چيو ته اهڙي ڪڌي عمل سان مون کي تمام گهڻي تڪليف ٿيڻ سبب انڪار ڪندي ھئس ته مڙس رميش سميت ڏير ۽ سس پاران تشدد ڪيو ويندو آھي، سندن ظلمن کان تنگ ٿي مائٽن وٽ پھتي آھيان جتي مڙس رميش ۽ ڄاڻايل بااثرن پاران مختلف طريقن سان حراسان ڪري رهيا آهن

عورت جي والد ھيرو ڪولھي چيو نياڻي سان ظلم ڪيو ويو ڄاڻايل ماڻھو اسان جي زندگين جا دشمن بڻجي ويا آهن متاثر عورت ۽ سندس والد وسوارن اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي رميش سميت ڄاڻايل بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

آندل سندراڻي ۽ سرحد پوليس پاران ڪچي ۾ آپريشن، مغوي بازياب