مدئجي (ن پ ا) مدئجي ڀرسان ڳوٺ جندوديرو واسي ٻه معصوم ٻارڙا ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ڳولا باوجود ڪو به پتو نه پيو، وارث پريشان. خبر موجب ڳوٺ جندوديرو واسي ٻه نينگر 10 ورهين جو عبدالرافع پٽ محسن ڀٽو ۽ 9 ورهين جو زيد پٽ نياز ڀٽو گذريل ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن، ٻنهي نينگرن جي وارثن پاران مختلف هنڌن تي سندن ڳولا ڪئي وئي پر ڪٿي به نينگرن جو ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو. نينگرن جي گمشدگي سبب گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، جڏهن ته سندن امڙين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ گم ٿيل نينگرن جي وارثن محسن ڀٽو، نياز ڀٽو ۽ ٻين دانهيندي چيوته نينگر راند کيڏڻ لاءِ گهر کان ٻاهر ويا ته واپس نه موٽيا آهن، هنن چيو ته ٽن ڏينهن کان نينگرن جي ڳولا ڪئي آهي پر ڪو به پتو پئجي ناهي سگهيو. هنن نينگرن جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.