مارشل لا لڳو ته اسان مداخلت ڪنداسين: چيف جسٽس

0
329

چيف جسٽس عمر عطا بنديال فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لڳو ته اسان مداخلت ڪنداسين، اسان چاهيون ٿا ته حراست ۾ موجود ماڻهن کي بنيادي حق ملن، حراست ۾ موجود ماڻهن کي سندن گهر ڀاتين سان ملاقات جي اجازت هجي

چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي سوال ڪيو ته ڇا اسان ڪنهن رٽائرڊ جج کي 102 ماڻهن سان ملاقات لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪري سگهون ٿا؟

اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته ان حوالي سان مان توهان کي چيمبر ۾ ٻڌائيندس، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته فوجي عدالتن ۾ جوابدارن کي دفاع لاءِ تمام گهٽ وقت ڏنو ويندو آهي

 اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل دوران جوابدار پنهنجي وڪيل سان مشاورت ڪري سگهي ٿو، ظاهري طور حراست ۾ موجود 102 جوابدارن مان ڪنهن کي به موت جي سزا نه ڏني ويندي، ٽرائل دوران جوابدارن جي گهر ڀاتين کي ڪيس ڏسڻ جي اجازت ڏني ويندي

اٽارني جنرل دليلن دوران وڌيڪ چيو ته جوابدارن کي اپيل جو حق ڏيڻ بابت محتاط رهي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، اٽارني جنرل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان کي ائين هلڻو پوندو جو ملڪي پوزيشن متاثر نه ٿئي

سپريم ڪورٽ حراست ۾ موجود ماڻهن کي جسماني ۽ ذهني تشدد جو نشانو نه بڻائڻ جي هدايت ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي