جناح هائوس حملي سميت 6 ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت ۾ واڌ

0
311
وفاقي سرڪار کي رڳو اسلام آباد جي حد تائين وفاقي ۽ صوبائي قانون لاڳو ڪرڻ جا اختيار آهن:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
وفاقي سرڪار کي رڳو اسلام آباد جي حد تائين وفاقي ۽ صوبائي قانون لاڳو ڪرڻ جا اختيار آهن:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

جناح هائوس تي حملي سميت 6 ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي عبوري ضمانت ۾ 8 آگسٽ تائين واڌ ڪئي وئي آهي

هشتگردي ٽوڙ عدالت لاهور جي جج عبهر گل جناح هائوس حملي سميت 6 ڪيسز جي ٻڌڻي هلائي، پي ٽي آءِ چيئرمين عبوري ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ تي اي ٽي سي آڏو پيش ٿيو

وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين  جي عبوري ضمانت ۾ 8 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف جناح هائوس، عسڪري ٽاور ۽ شادمان ٿاڻي تي حملي جا به ڪيس داخل ٿيل آهن

ظل شاهه قتل ڪيس ۽ وڳوڙي ڪاررواين جي ٻن ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي عبوري ضمانت تي فيصلو محفوظ ٿيل آهي