اوٻاوڙو: پوليس پاران 5 مغوين کي  بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

0
328

اوٻاوڙو ويجهو پنجاب جي ڀونگ ٿاڻي جي پوليس پاران 5 مغوين کي  بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته سمورن مغوين کي ڀونگ جي ڪچي ۾ آپريشن دوران بازياب ڪرايو ويو

مقابلي دوران ڌاڙيل مغوين کي ڇڏي ڀڄي ويا، بازياب ڪرايل مغوين ۾ نظر حسين، حنيف، دانش، احسن ۽ عديل شامل آهن

واضح رهي ته 10 ڏينهن اڳ کين نيو فارم جي انبن جي باغ مان اغوا ڪيو ويو هو