اسلام آباد: عمران خان تي حملي جي نتيجي ۾ مارجي ويل ڪارڪن جي وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ان شخص کي ٻار اٿڻ لاءِ چوندا رهن ٿا، ان حوالي سان گهرو وزير رانا ثناءَالله پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ابتدائي طور تي اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته شهري معظم جنهن سان پنهنجا ٻار به هئا، اهو لانگ مارچ کي ڏسڻ لاءِ آيو هو، جڏهن حملي آور کي پي ٽي آءِ جو ڪارڪن پڪڙي رهيو هو ته ان ڪشمڪش ۾ هڪ فائر ٿيو ۽ گولي ان شهري کي لڳي، جنهن سبب هو فوت ٿيو، ان جي قتل ۽ پنهنجي زخمن کي هنن سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، اها گفتگو جيڪا ڀارت جي ميڊيا ڪري رهي آهي اها ڳالهه ٻولهه هنن هتي ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي.