اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت لاءِ 39 شرط رکي ڇڏيا، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان حلفي بيان ذريعي يقين ڏياريندو ته اسلام آباد ۾ هٿيارن جي نمائش نه ڪئي ويندي، ڪنهن به جماعت جو جهنڊو نه ساڙيو ويندو، لائوڊ اسپيڪر جو استعمال نه ڪيو ويندو، مذهب جي حوالي سان ڪا به بيان بازي نه ڪئي ويندي، انتظاميا پي ٽي آءِ جي جلسي لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ لاءِ 4 صفحن تي ٻڌل شرط نامو تيار ڪيو آهي، انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسٽيج تي ڪير موجود هوندو اهو به ٻڌائڻو پوندو، 12ڪلاڪ اڳ اجازت وٺڻي پوندي، جلسي جي اجازت هڪ ڏينهن لاءِ هوندي، 24ڪلاڪن بعد اهي ڇڙوڇڙ ٿي ويندا. انتظاميا چيو آهي ته حلفي بيان عمران خان جي صحيح سان هجڻ گهرجي، انتظاميا اهو به شرط رکيو آهي ته جلسي ۾ نشي واريون شيون استعمال نه ڪيون وينديون، جلسي ۾ ايندڙ سمورين گاڏين جي چيڪنگ جي اجازت هوندي، جلسي ۾ 18سالن کان گهٽ عمر وارن جي اچڻ تي پابندي هوندي، امن امان لاءِ انتظاميا طاقت جو استعمال ڪيو ۽ نقصان ٿيو ته عمران خان ذميوار هوندو، ڪو به روڊ بلاڪ نه ڪيو ويندو، انهن شرطن جي ڀڃڪڙي تي عمران خان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ شرطن جي ڀڃڪڙي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ۽ توهين عدالت هوندي.