ممبئي (شوبز نيوز) لکين ماڻهو کلائيندڙ بالي ووڊ اداڪار ستيش ڪوشڪ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار ستيش ڪوشڪ جي گھر ڀاتين سندس موت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ستيس ڪوشڪ کي نئين دهلي ۾ ڪار جو سفر ڪندي دل جو دورو پيو، جنهن جي ڪري هو اتي ئي فوت ٿي ويو. اداڪار انوپم کير به ٽوئيٽر تي مداحن کي ستيش ڪوشڪ جي موت جو ڄاڻ ڪيو ۽ لکيو ته “ آئون ڄاڻيان ٿو ته موت هن دنيا جي آخري سچائي آهي، پر مون ڪڏهن خوابن ۾ به نه سوچيو هوته آئون هي ڳالهه ڪنهن ڏينهن پنهنجي دوستن جي باري ۾ لکندس.”سپشل ميڊيا تي ساٿيي اداڪارن به ستيش جي اوچتي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ستيش ڪوشڪ 1987ع جي سپر هٽ فلم مسٽر انڊيا ۾ ڪيلنڊرجو ڪردار ادا ڪري مشهوري ماڻي هئي، جنهن بعد ڪيترين ئي فلمن ۾ مزاحيا اداڪاري ڪئي. کيس مشهور هدايتڪار ۽ اسڪرين رائيٽر جو اعزا زبه حاصل هو. سلمان خان جي مشهور فلم تيري نام، روپ ڪي راني چورون ڪا راجا، پريم ۽ مشهور هم فلم آپ ڪي دل ۾ رهتي هي هن ئي ڊائريڪٽ ڪيون هيون. ٻئي پاسي انوپم کير، سلمان خان ۽ ٻين ساٿي اداڪاران پاران ستيش جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار  ڪيو ويو آهي.