چٽاگانگ (اسپورٽس نيوز)ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي چيپئن انگلينڊ، بنگلاديش کان هارائي وئي. ان ڏس ۾ بنگلاديش ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ انگليند کي 6وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.چٽاگانگ جي ظهور احمد چوڌري ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. انگلينڊ پهريان کيڏيندي مقرر 20 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان 156 رنسون ٺاهي سگهي، ڪپتان جوز بٽلر 67 ۽ فِل سالٽ 37 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا ٻين رانديگرن ۾ بين ڊڪيٽ 20 ۽ معين علي اٺ رنسون ٺاهي نمايان رهيا. بنگلاديش طرفان حسن محمود ٻه، شڪيب الحسن، تسڪين احمد، مستفيض الرحمان ۽ نصُم احمد هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. بنگلاديش 157 رنسن جو هدف ناظم الحسن شانتو جي 50 ۽ شڪيب الحسن 34 رنسن جي مدد سان 17.5 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو. شانتو کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .